درگاهه فتح محمد شاهه اچناڻي

درگاهه فتح محمد شاهه اچناڻي

درگاهه فتح محمد شاهه اچناڻي

درگاهه فتح محمد شاهه اچناڻي: هيءَ درگاهه سعيد آباد ويجهو، ضلعي مٽياريءَ ۾ آهي. هي درگاهه پراڻي دور جي آهي، جيڪا نيشنل هاءِ وي لڳ 1358ع ڌاري پڻ قائم هئي، جيڪا صوفي فتح محمد شاهه جي آهي. سيد جڙيل شاهه ۽ ڏتل شاهه جي قبر به ان درگاهه ۾ آهي. درگاهه جي ڀرسان نهايت دلڪش ۽ جاذب نظر مسجد پڻ تعمير ٿيل آهي. هيءَ درگاهه ۽ مسجد هڪ اوچي ٿلهي تي واقع آهن، جن ۾ داخلي لاءِ ٻن طرفن کان ڪجهه ڏاڪا ڏنل آهن. درگاهه، انتهائي ڪشادي ۽ ڪاشيءَ جي نفيس ڪم سان سينگاريل آهي. درگاهه جي عمارت روايتي طرز جي آهي. مکيه ديوار جو وچيون حصو ڪجهه مٿڀرو آهي، جنهن جي ٻنهي ڪنڊن تي ننڍڙا مينار ۽ نيل رکيل آهي. ان کان علاوه چئني ڪنڊن تي گنبذ ۽ نيل سميت هڪ هڪ چورس مينار ڏنل آهي، جيڪو 3 کان 4 فوٽ مس ٿيندو. وچ تي اٺڪنڊو ڳچ، جنهن جي چوڌاري ٻيڙ ٻنو ڏئي چورس خانا ۽ هوا توڙي روشني جي خيال سان نوڪدار ونگ جون ڳڙکيون به ڏنل آهن. مٿس گول گنبذ رکيل آهي، جنهن تي ڪو به جنسار ٿيل ڪونهي. گنبذ اڇي رنگ جو ۽ نهايت سادو آهي. مٿان ڪوڻيءَ جو سبتو گل ۽گل جي مٿان نيل رکيل آهي. درگاهه جي مکيه ديوار ۾ ڊگهي نوڪدار ونگ ڏئي اندرئين طرف عام ماپ وارو در لڳل آهي ۽ باقي حصي تي ڪاشيءَ جو خوبصورت ڪم ٿيل ٿو ڏسجي. در جي ڀرسان ٻنهي طرف کان هيٺ مٿي طاقچه ڏنل آهن، جن تي پڻ ڪاشيءَ جو ڪم نظر اچي ٿو. مکيه ديوار ۽ ڪانس کانسواءِ ڪنهن به ديوار تي ڪاشيءَ جو ڪم ٿيل ڪونهي بلڪه سيمينٽ سان سادو پلستر ٿيل آهي. درگاهه اندر قبرون به هڪ ٿلهي تي آهن. اندرين عمارت سادي آهي. درگاهه ۽ مسجد کي چؤڌاري ديوار جو احاطو ڏنل آهي ۽ اڳيان وسيع اڱڻ پڻ آهي. هن درگاهه جو سجاده نشين سيد محمد جمن شاهه آهي. هن درگاهه تي هر سال 14 رمضان المبارڪ تي عرس ٿيندو آهي، جنهن ۾ مقامي ماڻهن سان گڏ سڄي سنڌ مان وڏي انگ ۾ ماڻهو شريڪ ٿيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو